78

عوام جو وڏو انگ پي ٽي آءِ جو ميمبر ٿيڻ چاهي ٿو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عوام جو وڏو انگ پي ٽي آءِ جو ميمبر ٿيڻ چاهي ٿو.”رابتا ايپ“ ذريعي پي ٽي آءِ جي ميمبرشپ مهم جو ذڪر ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته ماڻهن جو وڏو انگ پي ٽي آءِ جو ميمبر ٿيڻ چاهي ٿو.شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ ٽيڪنالاجي جي مدد سان ان حوالي سان آساني پيدا ڪئي آهي، پي ٽي آءِ پاران رابطا ايپ لانچ ڪئي وئي آهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته هاڻي توهان گهر ويهي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي سگهو ٿا ۽ ميمبر بڻجي نئين پاڪستان ۽ حقيقي آزادي جي تحريڪ جو به حصو بڻجي سگهو ٿا.هن وڌيڪ چيو ته اچو ته پي ٽي آءِ جا ميمبر بڻجون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں