26

چيف جسٽس جو قيمتي تحفو توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان قيمتي تحف توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

رابطه عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي طرفان چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي قلم بابت ڪعبه جو قيمتي تحفو ڏنو ويو هو، جيڪو چيف جسٽس توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس توشه خانه مان قلم بابت ڪعبه سپريم ڪورٽ عجائب گهر ۾ رکڻ جي خواهش جو به اظهار ڪيو.

سيڪريٽري چيف جسٽس ان ڏس ۾ سيڪريٽري ڪابينه ڊويزن کي خط لکيو، سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن وزيراعظم کان منظوري بعد قلم بابت ڪعبه سپريم ڪورٽ ميوزيم ۾ رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي 8 اپريل تي چيف جسٽس سان ملاقات ۾ کيس اهو تحفو ڏنو هو، ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي به قلم سپريم ڪورٽ ميوزيم ۾ عوامي نمائش لاءِ رکڻ جي منظوري ڏني.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں