29

بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس آفيسر مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس آفيسر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزيراعظم پاور ڊويزن کي ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس آفيسرن کي مقرر ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين ۾ مستقل ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بجلي ڪمپنين جي بورڊ ۾ سياسي بنيادن تي مقرر ڊائريڪٽرز کي فارغ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪمپنين جي ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪيس تيار ڪرائيندو، جڏهن ته ايڊيشنل ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر جي سطح تي ڪوآرڊينيشن ۽ مانيٽرنگ ڪندو.

پاور ڊويزن قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، جنهن کانپوءِ ڪرپٽ آفيسرن جو گهيرو تنگ ٿي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں