59

ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي شهادت تي اڄ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي

ڪراچي: ايراني صدر جي شهادت تي اڄ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي.

هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيل ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ ٻين اختيارين جي سوڳ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام طرفان ايراني حڪومت ۽ عوام سان گڏ يڪجهتي جي اظهار ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سنڌ جي وڏي وزير اڱاري 21 مئي 2024 تي سنڌ صوبي سميت سموري ملڪ ۾ سوڳ جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪابينه ڊويزن طرفان ايراني صدر ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري اختيارين جي شهادت جي حوالي سان سوڳ  ملهائڻ جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں