84

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گرمي جون موڪلون پهرين جون کان ٿينديون، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي: سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ گرمي جون موڪلون پهرين جون کان 31 جولاءِ تائين ٿينديون.

سنڌ ۾ گرمي جي موڪلن جي حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. سکر، حيدرآباد، ڪراچي سميت سنڌ ۾ پهرين جون کان موڪلن جي شروعات ٿي وئي آهي.

سنڌ جي تعليم کاتي گرمي جون موڪلون وقت کان اڳ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. تعليم کاتي موجب گرمي جون موڪلون اسٽيئرنگ ڪميٽي جي فيصلي موجب ئي ٿينديون.

ياد رهي ته موسميات کاتي ڪراچي ۾ مئي ۾ هيٽ اسٽروڪ نه ٿيڻ جي وضاحت ڪئي هئي جنهن کان پوءِ موڪلون پهرين جون کان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ پنجاب جيان تعليمي ادارن ۾ گرمي جون موڪلون وقت کان اڳ ڪرڻ تي غور ڪيو پئي ويو. ياد رهي ته پنجاب جي سمورن سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ 25 مئي کان موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں