69

سينيٽ چيئرمين ايراني صدر جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ ايران پهچي ويو

اسلام آباد: سينيٽ چيئرمين ۽ وقتي صدر يوسف رضا گيلاني ايراني صدر جي آخري رسمن ۾ شرڪت جي لاءِ ايران پهچي ويو آهي.

ان کان پهرين هن ايران جي سفارتخاني جو دورو به ڪيو. هيليڪاپٽر حادثي ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي پرڏيهي وزير ۽ ٻين اختيارين اوچتي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ۽ تعزيت پڻ ڪئي.

وقتي صدر ايراني صدر جي لاڏاڻي تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام طرفان گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پوري قوم ايراني صدر جي وفات تي ڏکويل آهي، ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.  

هن چيو ته ايراني صدر جي وفات عالم اسلام جي لاءِ هڪ عظيم نقصان آهي. صدر ابراهيم رئيسي هڪ نيڪ انسان، عالم ۽ پاڪستان جو عظيم دوست هو. صدر ابراهيم رئيسي جي وفات سان مسلمان امت هڪ عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي.

وقتي صدر پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مغدم سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ادبي رابطن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. ٻنهي پاڙيسري ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ عوامي رابطا ۽ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي.

ايراني سفير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن. پاڪستان سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ايران جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. ايران جي سپريم اڳواڻ پاڪستان سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خصوصي زور ڏنو. مرحوم صدر رئيسي جو تازو پاڪستان جو دورو تمام گهڻو اهم هو.

ايراني سفير تعزيتي پيغام ۽ ايراني عوام جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو. وقتي صدر يوسف رضا گيلاني ايراني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ تعزيتي تاثرات به لکيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں