67

ٻٽي شهريت وارن ججز تي پابندي لاءِ بل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع

اسلام آباد: ٻٽي شهريت ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهرت رکندڙ شخص کي سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.

رپورٽ موجب اهو بل جمعيت علماءِ اسلام جي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان طرفان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي. بل ۾ آئين جي آرٽيڪل 177-193 ۽ 2008 ۾ ترميم تجويز ڪئي وئي آهي.

بل ۾ چيو ويو آهي ته ڪوبه شخص سپريم ڪورٽ جو جج مقرر نه ٿيندو جيڪڏهن اهو ٻٽي شهريت يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهرت رکي ٿو. آئين جي آرٽيڪل 177 ۾ ترميم ڪئي وڃي.

بل جي تحت آئين جي آرٽيڪل 193 ۾ ترميم جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته ڪوبه شخص هاءِ ڪورٽ جو جج نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن اهو ٻٽي شهريت يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهرت رکي.

بل ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 200 ۾ ترميم ڪئي وڃي ته جيئن عدالتن جا آفيسر ۽ ملازم جيڪڏهن ٻٽي شهريت يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي شهرت رکن ته اهي ڪنهن به عدالت ۾ آفيسر يا ملازم مقرر نٿا ٿي سگهن.

بل ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججز کي انهي ملڪ ۾ دلچسپي هجڻ گهرجي جنهن ۾ هو ڪنهن اٿارٽي ۾ عهدو رکن. جن ججز جي ٻٽي شهريت هجي اهو پنهنجي اصل ملڪ جي مفاد کي داءُ تي لڳائيندا آهن. آئين جي تحت ججز جي رياست سان وفاداري کي يقيني بنائڻ جي ضرورت آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں