76

حڪومت وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد (رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن احتساب جي حالت ڏسڻ چاهيون ٿا ته عدالتن ۾ اچي ڏسو، ڪوڙا ڪيس خوار ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن.شاهد خاقان عباسي چيو ته ملڪ ۾ احتساب جو نئون ادارو بڻائڻو آهي، ان حوالي سان اتحادي حڪومت وچ ۾ صلاح مشورا جاري آهن.هن چيو ته اسان جا ڪيس هلندا رهندا، يقينن عمران خان کي به پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي ۽ نيب چيئرمين کي به عدالتن ۾ پيش ٿيڻ گهرجي.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته حڪومت کي ٺهندي ٽي هفتا ٿي ويا آهن، حڪومت ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي، ملڪ جي معاشي صورتحال سياست کي ثانوي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي.هن چيو ته معاشي صورتحال کي درست ڪرڻ لاءِ سمورن ادارن کي هڪ ميز تي ويهڻو پوندو، چئن سالن ۾ ملڪي معيشت تباهه ٿي وئي.هن چيو ته هڪ سال ۾ تباهه ٿيل معيشت جي مرمت نه ٿي سگهي، اسيمبليون ٽوڙڻ حل ناهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں