64

سخت گرمي، طبي ماهرن جو اهم مشورو

ڪراچي ڪراچي ۾ مسلسل وڌندڙ گرمي کي ڏسندي طبي ماهرن شهرين کي صبح 11 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين بنا ضرورت گهران نه ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.
چيف ميٽرولاجسٽ موجب ڪراچي ۾ مئي جي پڄاڻي تائين موسم گرم رهندي، شهر ۾ مئي جو معمول جو سراسري گرمي پد 35.8 ڊگري سينٽي گريڊ آهي پر اهو 38 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
جناح اسپتال جي ايمرجنسي ڪنلسٽنٽ ڊاڪٽر عرفان موجب جناح اسپتال جي هيٽ اسٽروڪ وارڊ ۾ روز 8 کان 10 مريض اچي رهيا آهن، بخار، گيسٽرو ۽ اڪثر مريض بيهوشي جي ڪيفيت ۾ اچي رهيا آهن.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته مريضن کي اسپتال منتقلي کان اڳ او آر ايس پيئاريو، جڏهن ته شهري صبح 11 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين بنا ضرورت گهران نه نڪرن.
ماهرن موجب ٻاهر نڪرڻ جي صورت ۾ مٿو ڍڪيو، گرم موسم ۾ هلڪي رنگ جا ڪپڙا پايو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں