65

وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي ايراني صدر جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ تهران ويندو

اسلام آباد وزيراعظم شهباز شريف هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ سڀاڻي تهران روانو ٿيندو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي لاڏاڻي تي ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو ويو، جيڪو گڏيل طور منظور ڪيو ويو.
وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب شهباز شريف سڀاڻي ايران روانو ٿيندو ۽ ابراهيم رئيسي جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں