61

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ رئوف حسن کدڙن فقيرن جي حملي ۾ زخمي

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات رئوف حسن تي اسلام آباد ۾ حملو ٿيو آهي.
رئوف حسن تي ستارا مارڪيٽ ۾ کدڙن فقيرن حملو ڪيو ۽ فرار ٿي ويا، حملي جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ ترجمان کي چهري تي زخم آيا، کيس طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن نجي چئنل جي آفيس ۾ پروگرام رڪارڊنگ ڪرائي ٻاهر آيو ته ڪاري رنگ جي مهراڻ گاڏي ۾ سوار چئن کدڙن فقيرن مٿس حملو ڪيو، رئوف حسن تي تکي بليڊ سان وار ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں