26

صحافي هراساني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ 9 سوال پڇي ورتا

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ صحافين کي هراسان ڪرڻ خلاف 13 مئي جي عدالتي ڪارروائي جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته صحافين تي تشدد جي معاملي تي پوليس جي جاچ حقيقت ۾ انهن جي پنهنجي ساک کي نقصان پهچائي رهي آهي.
عدالت ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي حوالي سان داخل درخواستن تي 9 سوال به پڇي ورتا.
سپريم ڪورٽ پهرئين 5 سوالن ۾ پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪنهن جي هدايت تي درخواست داخل ڪئي وئي، وڪيل ڪنهن مقرر ڪيو، درخواست ڪٿان ڊرافٽ ڪئي وئي، درخواست داخل ڪرڻ لاءِ پرنٽ ڪنهن ڪڍي، نوٽيس ڪنهن جاري ڪيا، درخواستون داخل ڪرڻ لاءِ فيس ڪنهن ۽ ڪيئن ادا ڪئي؟
عدالت وڌيڪ پڇيو ته درخواست جو ڊرافٽ، اي ميل، ڪوريئر ڪهڙي طريقي سان موڪليو ويو، سفر ۽ رهائش سميت خرچ ڪنهن ادا ڪيا، قوسين فيصل سميت ڪنهن درخواستگذار سان رابطي جو ثبوت ڪهڙو آهي؟
سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني کانپوءِ ٿيندي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں