72

مونکي انوشڪا جو همشڪل قرار ڏنو ويندو آهي:اداڪارا ڪرن ملڪ

پاڪستاني ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي اداڪارا ۽ ماڊل ڪرن ملڪ چيو آهي ته مونکي هر ڪوئي ڀارتي معروف اداڪارا انوشڪا شرما جي همشڪل قرار ڏيندو آهي.
ڪرن ملڪ تازو ئي نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ مشهور فيشن ڊيزائنر حسن شهريار ياسين طرفان پڇي ويل سوالن جا جواب ڏنا.
شو دوران اداڪارا ٻڌايو ته مونکي سينئر اداڪار ۽ فلم ساز شان شاهد طرفان پنهنجي فلم ضرار ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويو ته سڀني ان تي تنقيد ڪئي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته هر ڪوئي اهو سوال اٿاري رهيو هو ته مونکي اچانڪ مرڪزي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪيئن آفر ٿي.
اداڪارا جو شڪايت ڪندي چيو ته ماڻهن ايتري قدر به الزام لڳائي ڇڏيو ته مان شان شاهد کي وڻڻ لڳي آهيان انڪري مونکي مرڪزي ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ ڪرن ملڪ ٻڌايو ته سڀ ماڻهو چوندا آهن ته بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما وانگر لڳندي آهيان

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں