55

ريلوي جو 60 سيڪڙو بجيٽ ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ لڳي ويندو آهي: اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد: قانون واري وفاقي وزير چيو آهي ته ريلوي جو 68 سيڪڙو بجيٽ ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ لڳي ويندو آهي.

سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس منعقد ٿيو ان دوران خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ريلوي جي باقي 20 سيڪڙو بجيٽ سان ريلوي جو آپريشن هلندو آهي. پينشن ريلوي جي لاءِ سڀني کان وڏو چيلينج آهي. ڪرپشن تي ڪارروائي سبب گذريل سال ريلوي آپريشن دوران رڪارڊ آمدني ٿي آهي.

هن ٻڌايو ته ريلوي پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪيو آهي. خواجه سعد رفيق ريلوي ۾ تمام گهڻي محنت ڪئي. گذريل سال جي نصبت 2023-2022 ۾ ريلوي آمدني ۾ 251 سيڪڙو اضافو ڪيو.

وفاقي وزير چيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ رائل پام سميت ريلوي جي قيمتي ايراضي جي غلط ڊيل ڪئي وئي. اسان چئون ٿا ته حڪومتون ڪاروبار نه ڪن. برٽش ريلويز پنهنجو 90 سيڪڙو ڪاروبار پرائيويٽائز ڪيو آهي. ريلوي جا خرچ گهٽ ٿيڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي. ريلوي قومي ادارو آهي. ٽرين غريبن جي سواري آهي. اسان سڀني کي ان کي بهتر بنائڻو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وفاقي ڪابينه جا ميمبر پگهارون نه وٺي رهيا آهن. وزير بجلي، ۽ گيس جا بلز به پنهنجي کيسي مان ڏيندا آهن. وفاقي وزيرن رضاڪارانه طور تي پگهارون ڇڏيون آهن. وزيرن وٽ هڪ سرڪاري رهائشگاهه، 300 ليٽر پيٽرول، هڪ 1600 سي سي گاڏي، هڪ ڊرائيور ۽ هڪ سيڪيورٽي گارڊ آهي. گهڻا وزير پنهنجون ذاتي گاڏيون استعمال ڪندا آهن.

ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي سينيٽر شهادت اعواڻ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايترا ماڻهو 1965ع جي جنگ ۾ نه مئا جيترا ٽرين حادثن ۾ فوت ٿيا آهن.

ان کان علاوه سني اتحاد ڪونسل جي سينيٽر همايون مهمد چيو ته هتي مينڊيٽ چوري ٿي ويندو آهي. اوهان ريلوي ۾ چوري جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو. ريلوي ۾ خساري جو ذميوار ڪير آهي.؟

سني اتحاد ڪائونسل جي سينيٽر زرقه سهروردي چيو ته ايوان ۾ وزير نٿا اچن. ايوان کي بند ڪري ڇڏيون.  گهرو وزير، گهرو وزارت جي خلاف ڪجهه نٿو ڳالهائي جن جي لاءِ عيش ۽ آرام آهي اهي ڇو ايوان ۾ نٿا اچن.؟ هن پڇاڻو ڪيو ته ريلوي جي نجڪاري ڪرڻي آهي، ڇا اين ايل سي جي نجڪاري ڪئي وئي؟ ريلوي جو سمورو ڪاروبار اين ايل سي وٺي ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ ڪاميسٽ يونيورسٽي ۾ عبوري مقررين تي سينيٽر زرقه سهروردي ڌيان ڏياريو نوٽيس جمع ڪرائي ڇڏيو.

هن چيو ته هن وقت ملڪ جي 60 يونيورسٽين جا وائيس چانسلر نه آهن. ڪاميسٽ ۾ قائدن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. جنهن تي وفاقي وزير چيو ته ڪاميسٽ ملڪ جي ڪجهه بهتر يونيورسٽين مان هڪ آهي. ڪاميسٽ جي اڳوڻي ريڪٽر ڊاڪٽر ساجد قمر هڪ مهيني جي موڪل تي ڪينيڊا ويو ۽ اتان کان استعيفيٰ اماڻي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ صدر عارف علوي ان جو استعيفيٰ منظور ڪري ورتو.

هن چيو ته ريڪٽر جي عهدي لا 80 ماڻهو شارٽ لسٽ ٿيا انهن جي انٽرويو جو مرحلو گذريل هفتي مڪمل ٿي ويو. 3 ڄڻن جو پينل هاڻ صدر ڏانهن اماڻيو ويندو. جيڪو ڪاميسٽ جي ريڪٽر جي مقرري ڪندو. وقتي ريڪسٽر ڪاميٽ رولز ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي. اداري جي سينيٽ  کي رولز ۾ تبديلي جو اختيار آهي. ڪابه ڀڃڪڙي نه ڪئي وئي. وائيس چانسلرز نه هجڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. پنجاب ۾ يونيورسٽيز جي وي سي جي مقرري لاءِ سرچ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن. اشتهار ڏنا ويا آهن. جنهن کان پوءِ سينٽر محسن عزيز چيو ته اسان جو گهرو وزير چلبل پانڊي جيان آهي، اهو ٽي وي تي نظر ايندو آهي پر ايوان ۾ نٿو اچي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں