64

پي ٽي آءِ باني سان ملاقات کان پوءِ سمورا اختلاف ختم ٿي ويندا: شير افضل مروت

پشاور: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿيندي ته سمورا اختلاف ختم ٿي ويندا.

پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شير افضل مروت چيو ته منهنجي بيان تي جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني ناراض ٿئي ٿو ته بيان بازي کان پاسو ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو.

هن چيو ته مان ڪنهن سان به اختلاف نٿو رکان.  ماڻهو مون کي نٿا ڇڏين. نگران حڪومت جي دور ۾ منهنجي خلاف 2 درجن کان وڌيڪ ڪيس ٺاهيا ويا. سمورا ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيا. عدالت منهنجي گرفتاري روڪي ڇڏي آهي.

هن چيو ته القادر ٽيسٽ ڪيس ۾ باني چيئرمين  کي سزا ٿئي ٿي ته اهو سياسي انتقام هوندو. اهڙي طرح جي ڪيسز ۾ سزائون ملنديون رهيون ته ان جو نتيجو احتجاج جي صورت ۾  نڪرندو.

هن وڌيڪ چيو ته مان ڪنهن سان به اختلاف نٿو رکان پر ماڻهو مون کي نٿا ڇڏين، مون کي پوليٽيڪل ڪميٽي مان ڪڍيو ويو آهي ٻين شين مان به ڪڍڻو آهي ته ڪڍي ڇڏيو، شوڪاز سان مون کي ڪوبه فرق نٿو پوي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں