24

شهدادڪوٽ: مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد، 2 ڦورو مارجي ويا

شهدادڪوٽ: شهداد ڪوٽ ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن دوران پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو آهي پوليس مقابلي دوران ٻن ڦورن کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.

شهدادڪوٽ جي مڇي مارڪيٽ ڀرسان ڦورو هنڊي واري کان ڦر ڪري رهيا هئا ته گشت ڪندڙ پوليس پھچي وئي جنهن تي جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني  هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار عبدالرسول سومرو شهيد ٿي ويو.

پوليس سموري شهر جي ناڪابندي ڪندي ڦورن جو گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ ڦورو فرار ٿي ويو جڏهن ته ٻن کي پوليس  گرفتار ڪري ورتو اي سيڪشن پوليس موجب ته ٻئي ڏوهاري پوليس حراست دوران ڀڄڻ جي ڪوشش دوارن مارجي ويا آهن. مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں