25

ملير: بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو،ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف نعريبازي

ملير:  ملير ۾ سخت گرمي باوجود بجليءَ جي لوڊشيڊنگ رهواسين جون متيون منجهائي ڇڏيون، قائد آباد نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو. ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف نعريبازي مظاهرين جي احتجاج سبب نيشنل هاءِ وي، شاهراهه فيصل، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ڏانهن ويندڙ روڊن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي جنهن سبب مسافرن ۽ شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.

ان موقعي تي مظاهرين چيو ته سخت گرمي باوجود  بجلي جي لوڊشيڊنگ عوام جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن، ڪافي ڏينهن کان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. بجلي بند هجڻ سبب اتان جا رهواسي بيهوش ٿي رهيا آهن. ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي قهر جي گرمي ۾ بجلي بند ڪري ظلم ڪيو پيو وڃي.

مظاهرين وڌيڪ چيو ته بل ڀرڻ جي باوجود بجلي بند ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي سنڌ حڪومت کي اپيل ڪريون ٿا ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا جي ظلم جو نوٽيس وٺي رهواسين کي انصاف ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں