22

هيٽ ويو دوران لوڊشيڊنگ سبب ڪابه فوتگي ٿي ته ان جو ڪيس ڪي اليڪٽرڪ خلاف داخل ٿيندو: ناصر شاهه

ڪراچي: صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته هيٽ ويو ۾ لوڊشيڊنگ سبب جيڪڏهن ڪوبه شهري فوت ٿيو ته ان جو ڪيس ڪي اليڪٽرڪ خلاف داخل ڪيو ويندو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته انرجي کاتي ۾ جيتري عملي جي ضرورت هئي اوترا ئي هئا جنهن تي ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبر علي خورشيدي چيو ته جيڪڏهن ميرٽ تي نوڪريون ملن ها ته اسٽي نه اچي ها.

ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبر مظاهر عامر سوالن جي وقفي ۾ خيالن جو  اظهار ڪندي چيو ته 80 کان 85 سيڪڙو ريڪوري وارن علائقن ۾ به لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي ڇا ڪي اليڪٽرڪ سان رابطو ڪنداسين.

اهڙي سوال تي پ پ جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جواب ڏنو ته مان متفق آهيان، لوڊشيڊنگ تمام گهڻن علائقن ۾ غير اعلانيه ٿي رهي آهي اسان وڏي وزير سان گڏ وفاقي حڪومت سان انهي بابت ملاقات به ڪئي آهي. جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ حيسڪو ۽ سيپڪو  جا به ڪيترائي فيڊرز ڏينهن تائين بند رهڻ جو ٻڌائي چڪا آهيون.

ناصر شاهه چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ وڌيڪ مسئلا به آهن انهن تي به ڳالهايو آهي. سعيد غني ڪي اليڪٽرڪ جي زيادتين خلاف جمعي تي ملاقات رکي آهي. ٻين ميمبرن کي به دعوت ڏيان ٿو ته اهي به گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪن.

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته اووربلنگ ۽ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. 22 کان 27 مئي هيٽ ويو آهي. اسان قدم کڻي رهيا آهيون. سمورن کاتن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي. ناصر شاهه خبردار ڪيو ته هيٽ ويو ۾ لوڊشيڊنگ سبب جيڪڏهن ڪوبه فوت ٿيو ته ڪي اليڪٽرڪ خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں