66

آئين عدالت کي اهو اختيار نٿو ڏئي ته اها ڪاوڙ ۾ ڪجهه به چئي ڇڏي: قانون وارو وزير

اسلام آباد:سينيٽ ۾ حڪومتي ميمبرن توهين عدالت جي معاملي تي عدليه تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين عدالت کي اهو اختيار نٿو ڏئي ته اها ڪاوڙ ۾ ڪجهه به چئي ڇڏي، آئين وزيراعظم کي ڇوٽ ڏني آهي.

هن چيو ته عدالت کي جيڪو چوڻو آهي پنهنجي فيصلن ۾ لکي ڇڏي.

طلال چوڌري چيو ته عدالت جو وقار آئين ٺاهيندڙن کي نه آئين ٽوڙيندڙن کي سزا ڏيڻ سان بلند ٿيندو، اسان سدائين عدالتي فيصلن جو احترام ڪيو ۽ اسان کي توهين عدالت جا نوٽيس مليا پر اسان کليل دل سان منهن ڏيو، پراڪسي چوڻ ڪوئي برداشت نه ڪندو.

ايم ڪيو ايم جي فيصل سبزواري چيو ته توهين توهين جي راند بند ڪئي وڃي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ته فيصل واوڊا ۽ مصطفيٰ ڪمال ڪراچي جا آهن ته کين توهين عدالت جو نوٽيس ڏئي ڇڏيو.

سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته جيڪڏهن توهان ججن کي ائين نشانو بڻائيندئو ته تاثر ويندو توهان ڪنهن ٻئي جي پراڪسي بڻجي رهيا آهيو.

ايمل ولي چيو ته اسان ڇو پرائي ويڙهه ۾ گهرون، پراڪسي کي پراڪسي چوڻ سان تڪليف ٿيندي.

سينيٽر شيري رحمان چيو ته فيصل واوڊا جو معاملو سنجيده نوعيت آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں