74

چيني شهرين جي سڪيورٽي تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو: وزيراعظم

اسلام آباد (رپورٽر) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، چين جي ويڪسين ڪمپني پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آڇ کي ڀليڪار ڪيون ٿا.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ چيني شهرين جي سيڪيورٽي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، احسن اقبال ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شهباز شريف چيو ته چيني شهرين جي سڪيورٽي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، گهرو وزارت ۽ سيڪيورٽي ادارا فول پروف سڪيورٽي يقيني بڻائين.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف سان سينو ويڪ جي وفد به ملاقات ڪئي ۽ کيس ويڪسينيشن مهم دوران سينو ويڪ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڪمپني پاڪستان ۾ بيمارين جي تشخيص، روڪٿام ۽ علاج جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو، جنهن تي وزيراعظم چيني ڪمپني پاران سيڙپڪاري جي آڇ کي ڀليڪار ڪندي چيو ته حڪومت سيڙپڪاري جي لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں