69

سنڌو درياهه مان ڊولفن مڇيءَ جو شڪار ڪندڙ 6 ڄڻا گرفتار

رحيم يار خان: سنڌو درياهه مان ڊولفن مڇي جو شڪار ڪندڙ 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب گرفتار ماڻهن ظاهر پير ڀرسان سنڌو درياهه مان مڇي جو شڪار ڪيو هو، وڊيو ٺاهڻ کانپوءِ هنن ڊولفن کي درياهه ۾ ڇڏي ڏنو هو ۽ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي هئي.

پوليس ٻڌايو ته واقعي جو علم ٿيندي ئي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن دوران جوابدارن جي مزاحمت سان گاڏي جا شيشا ڀڄي پيا، جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں