63

چوماسي برساتون، موسميات کاتي خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جي ڊي جي مهر صاحبزادا خان پاڪستان ۾ چوماسي برساتن جي حوالي سان خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مهر صاحبزادا خان چيو ته اسان جا گرين ايرياز گهٽ ٿي رهيا آهن، عمارتن جو انگ وڌي رهيو آهي، ماحولياتي تبديلي به هيٽ ويو جو بنيادي ڪارڻ آهي، 27 مئي تائين پنجاب ۾ گرمي پد 47 کان 48 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
چوماسي جي حوالي سان هن چيو ته جون جي ٻئي هفتي کان شروعات ٿي سگهي ٿي، هن سال چوماسي جون برساتون به معمول کان وڌيڪ ٿينديون ۽ سنڌ ۽ بلوچستان وڌيڪ متاثر ٿيندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں