24

ملڪ ۾ سخت گرمي جي لهر برقرار، ڪجهه علائقا هيٽ ويو جي اثر هيٺ

راولپنڊي: اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سخت گرمي سبب عوام جا حال هيڻا ٿي ويا آهن. مختلف علائقا اڄ به  هيٽ ويو جي اثر هيٺ رهندا.

موسميات کاتي موجب سنڌ ۽ پنجاب ۾ 27 مئي تائين گرمي پد معمول کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ موسم وڌيڪ گرم ۽ خشڪ رهندو.

بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ موسم وڌيڪ گرم رهندو. گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ موسم وڌيڪ گرم رهندو. سنڌ ۾ گرمي پد معمول کان 6 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.

خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ موسم وڌيڪ گرم رهندو. گرمي پد معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهندو. چترال، دير، سوات، ڪوهستان، شانگلا، بٽگرام، هري پور، مانسهره، ايبٽ آباد، باجوڙ، مهمند اورڪزئي ۾ ڪجهه هنڌن تي هوا جا لوڏا هلندا ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو پڻ امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو گرمي پد  معمول کان 4 کان 6 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں