27

اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ جي خواهشمند پارٽي سان معاملا اڳيان نٿا وڌي سگهن: خورشيد شاهه

اسلام آباد: پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهشمند پارٽي سان معاملا اڳيان نٿا وڌي سگهن.

اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي خورشيد شاهه چيو ته سمورين پارٽين کي ملي مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو. ڪوبه اڪيلي سر مسئلن جو حل نٿو ڪڍي سگهي.

پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت سوال تي اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اسان اڳ پي ٽي آءِ کي حڪومت سازي جي دعوت ڏني جيڪا انهن رد ڪري ڇڏي. مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڳالهيون ضروري آهن.

هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي خواهشمند پارٽي سان معاملا اڳيان نٿا وڌي سگهن. معاملن کي سڌارڻ جو هڪ ئي رستو آهي ۽ اهو پارليامينٽ جو رستو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته عدليه سان جيڪو ظلم پاڻ عدليه شروع ڪيو اهو هاڻ اهو عدليه کي ئي ختم ڪرڻو پوندو. ملڪ جي اعليٰ ترين عدليه هڪ ماڻهو جي حڪم تي گڏيل آئين تي ترجيح ڏني.

خورشيد شاهه چيو ته آمرن کي آئين کان مٿانهون تحفظ ڏيڻ سان جمهوريت کي اڳيان وڌڻ جو موقعو نه مليو. جيڪو بهتر فيصلو ڪندو اهو عوام جي نظرن ۾ معتبر هوندو. ان تي تنقيد نه ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں