23

سکر: روهڙي ۾ ٻن ڀائرن سميت ٽي ڌنار کوھ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا

سکر: روهڙي ۾ ٻن ڀائرن سميت ٽي ڌنار کوھ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا گهرن ۾ ڪهرام ان سلسلي سکر جي جهانگهڙو ٿاڻي جي حد روهڙي ڀرسان ڳوٺ حسن چوهاڻ ۾ ڌنار مال چاريندي اوچتو کوهه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا.

ٻڏي فوت ٿي ويل ڌنارن کي ڳوٺاڻن ڳولها ڪرڻ کانپوء ٽنهي ڌنارن جا لاش کوھ ڪڍيا پوليس ۽ مقامي رهواسين موجب فوت ٿيلن ۾ ٻه سڳا ڀائر عبدالجبار ۽ عبدالطيف چوهاڻ  جڏهن ته ٽيون فوتي سندن سئوٽ شهزادو به شامل آھي. جن جو تعلق چوهاڻ برادري سان ٻڌايو پيو وڃي، جيڪي پنهنجي گهرن ڀرسان مال چاري رهيا هئا.

پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽنهي ڄڻن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد تعلقه اسپتال روهڙي پهچايا، جتان لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. لاش گهر پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو ڳوٺ حسن چوهاڻ ۾ سوڳ واري صورتحال ٿي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں