74

گذريل حڪومت جا ماحوليات بابت منصوبا بند ٿيڻ نه ڏينداسين: شيري رحمان

اسلام آباد (رپورٽر) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته گذريل حڪومت جا ماحوليات بابت منصوبا بند ٿيڻ نه ڏينداسين.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيري رحمان چيو ته وزيراعظم نفرت جي لهر تي اپاءَ وٺڻ جو فيصلو ڪندي ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان دنيا جي انهن ڏهن ملڪن مان هڪ آهي جتي موسمياتي تبديلي تيزي سان ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته سي او پي ڪانفرنس تمام اهم آهي جنهن ۾ ملڪن جو معائنو ڪيو ويو آهي ته اسان کي عوام کي بچائڻو آهي، پاڪستان ۾ 30 کان 31 گليشيئر ڍنڍون آهن جيڪي متاثر ٿي سگهن ٿيون، سنڌ ۽ پنجاب ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ گرمي جي لهر موجود آهي. مرڪز ٺاهيا ويا آهن.اين ڊي ايم اي جي چيئرمين اختر نواز چيو ته مشينري نه هجڻ باوجود موسميات کاتو بهتر ڪم ڪري رهيو آهي، اڳواٽ الرٽ جاري ڪرڻ سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں