115

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جي لهر جاري: جيڪب آباد، دادو ۾ گرمي پد 49 ڊگري تائين پهچي ويو

ڪراچي: سنڌ جي 12 شهرن ۾ ڇنڇر کان جاري رهندڙ گرمي جي لهر جاري آهي. اڄوڪي ڏينهن جيڪب آباد، دادو ۽ موهن جو دڙو ۾ گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي.

 رپورٽ موجب موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته اربع تي جيڪب آباد، دادو ۽ موهن جو دڙو نه صرف سنڌ پر ملڪ جا گرم ترين علائقا هئا، جتي وڌ کان وڌ گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي.

روهڙي، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، پڊعيدن ۽ شهيد بينظير آباد ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ان کان علاوه مٺي ۾ گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ، ڇور ۾ 46.5، سڪرنڊ ۽ حيدرآباد ۾ 45.5، ميرپورخاص ۽ ٽنڊوڄام ۾ 44 ڊگري سينٽي گريڊ، بدين ۾ 43 ۽ ٺٽي ۾ 38.5 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں