27

قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل سينئر صحافي نصرالله گڏاڻي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو

ڄامشورو: گهوٽڪي ۾ قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيل صحافي نصرالله گڊاڻي ڪراچي ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو.

شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو مڙھڪراچي کان سندس اباڻي ڳوٺ وڃڻ دوران وک وک تي شھيد صحافي جي مڙهه تي گلن جي ورکا ڪئي وئي.

ان سلسي ۾ شھيد جو مڙهه قاضي احمد نيشنل هاءِ وي تي پهتو ته صحافين سوشل ورڪرن ٻيلا بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن سياسي سماجي اڳواڻن پهچي گلن جي ورکا ڪري سلام پيش ڪيو ۽ احتجاجي مظاهرو ڪندي سخت نعري بازي ڪندي شهيد صحافي جي قتل جي انصاف جي گهر ڪئي.

ياد رهي ته 4 ڏينهن اڳ ميرپور ماٿيلو ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نصرالله گڏاڻي مرڻينگٿي ويو هو، نصرالله کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ پهرين رحيم يار خان جي اسپتال پهچايو ويو، 2 ڏينهن اڳ نصرالله کي ايئر ايمبولنس ذريعي ڪراچي جي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو.

گذريل رات وارثن ڊاڪٽرز جو حوالو ڏيندي چيو ته نصرالله جي طبيعت هاڻي سڌرندڙ آهي، نصرالله گڏاڻي اڄ صبح زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، شهيد نصر الله گڏاڻي جو مڙھه ميرپور ماٿيلو نيو ويو.

شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا آهن، ڏهرڪي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، ٺري ميرواهه، اوٻاوڙو، ڍورو نارو، سڪرنڊ ۽ ٻين  شهرن ۾ صحافي توڙي سول سوسائٽي سراپا احتجاج بڻيل آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڊاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان نصرالله گڊاني جي خاندان ۽ اداري سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت نصرالله جي زندگي بچائڻ لاءِ وڏا قدم کنيا پر اهو الله کي منظور هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں