118

ٺري ميرواهه جي ڳوٺ گل حسن ڪٻر ۾ پاڻي جي واري تان ڪٻر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، اٺ ڄڻا زخمي

ٺري ميرواهه: ٺري ميرواهه جي ڳوٺ گل حسن ڪٻر ۾ پاڻي جي واري تان ڪٻر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 8 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا.

زخمين ۾ قربان، عبدالرحمان، عمران ظھير، عبدالخالق ڪٻر جڏھن ته ٻي ڌر جا محمد ڇٽل، ڪريم ڏنو ۽ نثار ڪٻر شامل آھن.

جڏھن ته زخمين کي علاج لاءِ ٺري ميرواهه اسپتال پهچايو ويو جتي زخمين نثار ڪريم ڏنو ۽ محمد ڇٽل جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کين گمبٽ ۽ خيرپور اسپتالن ڏانهن رفر ڪيو ويو آھي.

آخري اطلاعن تائين واقع جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں