86

پڪ ٿو ڏياريان ته نصرالله گڏاڻي جا قاتل گرفتار ٿيندا: گهرو وزير ضياءُ لنجار

ڪراچي: شهيد نصر الله گڏاڻي جي قتل تي سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين پاران گوڙ ڪيو ويو.

اسيمبلي اجلاس ۾ ميمبرن به صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪيو.

سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل تي صدمو پهتو آهي.

هن جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت مرحوم جي وارثن ۽ صحافي برادري سان ڏک جي هن گهڙي ۾ گڏ آهي.

گهرو وزير اسيمبلي ۾ صحافين جي شهيد جي قاتلن جي گرفتاري واري مطالبي تي خاطري ڪرائيندي چيو ته مان پڪ ڏياريان ٿو ته شهيد جا قاتل جلد گرفتار ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں