78

ن ليگ جو عثمان بوزدار جي ڪرپشن خلاف اينٽي ڪرپشن سان رابطي جو اعلان

اسلام آباد (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار جي مبينا ڪرپشن خلاف اينٽي ڪرپشن کاتي سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين ۽ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان اقتدار مان نڪرڻ کانپوءِ پرهيزگاري جون دعوائون ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ اهڙو ڪو به ناهي جو هن کان وڌيڪ صاف آهي. گذريل حڪومت ۾ عمران خان پنهنجي اختيارن جو ناجائز فائدو ورتو.ن ليگ اڳواڻ چيو ته 2019ع ۾ ايمنسٽي ذريعي بليڪ مني لانڊرنگ ڪئي وئي، ايمنسٽي اسڪيم سندس ويجهن ماڻهن لاءِ هئي، ايمنسٽي اسڪيم ذريعي عمران خان جي ويجهو ماڻهن جي ڪرپشن کي لڪايو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں