52

پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان

اسلام آباد: مهانگائي ستايل عوام لاءِ سٺي اِها آهي ته پهرين جون کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان ۾ پيٽرول في ليٽر 4 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمتن ٻه في ليٽر ساڍا 3 رپيا گهٽتائي جو امڪان آهي جڏهن ته پيٽروليم شين جي اگهن جو حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو جنهن جو اعلان 31 مئي تي ڪيو ويندو.

ياد رهي ته 15 مئي تي ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي وئي هئي جنهن ۾ پيٽرول 15 رپيا 39 پئسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل ست رپيا 88 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 54 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں