98

ٺٽو- حيدرآباد قومي شاهراهه تي تيز رفتار ڊمپر جو سوزوڪي کي ٽڪر، 4 ڄڻا اجل جو شڪار

ميرپور ساڪرو: جهرڪ ڀرسان ٺٽو حيدرآباد قومي شاهراهه تي حميد فارم وٽ تيز رفتار ڊمپر جو سوزوڪي کي خوفناڪ ٽڪر، فوت ٿيلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو 8 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي.

رپورٽ موجب بهراڻي برادري جا ڳوٺاڻا ڳوٺ ماڻڪ بهراڻي کان ڪوٽڙي وڃي رهيا هئا ته سامهون ايندڙ تيز رفتار ڊمپر سوزوڪي مٿان چڙھي ويو. خوفناڪ حادثي ۾ ٿڏي تي هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو جڏهن ته 3 ڄڻا ڄامشورو اسپتال نئيندي رستي ۾ فوت ٿي ويا

زخمين مان 8 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيلن جو تعلق بهراڻي برادري جي ماڻھن سان ٻڌايو وڃي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں