73

حڪومت جا 108 آفيسر ۽ ملازم ڪڻڪ اسمگلنگ ۾ ملوث نڪتا

اسلام آباد: وفاقي ۽ پنجاب حڪومت جا 108 آفيسر ۽ سرڪاري اهلڪار ڪڻڪ ۽ ٻين عام واهپي جي شين جي اسمگلنگ ۾ ملوث نڪتا آهن.

وفاقي گهرو وزارت کي مليل هڪ ڳجهي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انهن آفيسرن ۾ ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڪمشنر، پوليس آفيسر، درجنين فوڊ انسپيڪٽر، ڪلرڪس  ۽ پٽيوالا شامل آهن.

سامهون ايندڙ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته اهي آفيسر ۽ ملازم پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ ڊيوٽيون انجام ڏئي رهيا آهن. وفاقي گهرو وزارت ملازمن جي خلاف قدم کڻڻ جي سفارش ڪئي آهي. شڪي اسمگلنگ ۾ ملوث آفيسرن ۽ ملازمن جي لسٽ وزيراعظم آفيس ڏانهن به اماڻي وئي آهي.

رپورٽ ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته سرڪاري ملازم ڪڻڪ، اٽو اسمگلنگ ڪندڙن جي مدد به ڪري رهيا هئا. پنجاب جي گهرو کاتي اهڙن ملازمن جي خلاف  ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري کان به اها ڄاڻ شيئر ڪئي وئي آهي ته جيئن ملوث ملازمن جي خلاف قدم کڻي سگهجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں