70

پشاور ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ کان تنگ شهرين پاڻمرادو گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي بجلي کولي ڇڏي

پشاور:  ملڪ جي ٻين شهرن جيان پشاور ۾ به بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. جتي بجلي جي بندش سبب تنگ شهرين گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي پاڻ بجلي کي بحال ڪري ڇڏيو.

پشاور جي شهرين بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فضل الاهي جي اڳواڻي ۾ هزارخواني گرڊ اسٽيشن ٻاهران احتجاج ڪيو. جتي احتجاج جي دوران علائقي جا اڳواڻ ۽ ٻيا رهواسي گرڊ اسٽيشن جي اندر موجود هئا جتي انهن احتجاج پڻ ڪيو.

احتجاجي مظاهري ۾ شامل رهواسين پاڻمرادو گرڊ اسٽيشن ۾ داخل ٿي بجلي کي بحال ڪري ڇڏيو.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فضل الاهي چيو ته سمورن فيڊرز ۾ وڃي بجلي بحال ڪرائينداسين. علائقي جي  اڳواڻن چيو ته گرڊ اسٽيشنن ۾ بجلي بحال رکنداسين اسان جي بجلي بند ٿيندي ته سڀني جي بجلي بند ڪنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته ڏوراهين علائقن ۾ 8 مهينن کان پوءِ ميٽر لڳايو ويندو آهي ۽ 90 هزار جو بل اماڻيو ويندو آهي. سڀاڻي شيخ محمدي فيڊر بند ڪندس ته اسلام آباد تائين سمورا فيڊر بند ٿي ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں