81

ڪراچي: سولجر بازار ۾ گهر اندر سلينڊر ڌماڪو، عورتن ۽ ٻارن سميت 8 ڄڻا سڙي زخمي

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي سوجر بازار ۾ گيس ليڪيج سبب زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 8 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا آهن.

سولجر بازار نمبر هڪ جي ڀرسان گهر ۾ گيس ليڪيج سبب زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن ۾  عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. زخمين ۾ 45 ورهين جو محمد موسيٰ ۽ ان جي گهر واري 40 ورهين جي رابعه موسيٰ، 10 ورهين جو نويد موسيٰ، 8 ورهين جو رفيق موسيٰ، 20 ورهين جو گلشن موسيٰ، 15 ورهين جي روشني، 11 ورهين جي امبرين ۽ 12 ورهين جي نسرين شامل آهن.

زخمين کي فوري طور تي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن موجب زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. سمورا ماڻهو 15 کان 20 سيڪڙو زخمي ٿيا آهن. پوليس چيو آهي ته شروعاتي طور تي واقعو حادثو لڳي ٿو، وڌيڪ جاچ جو سلسلو جاري آهي.

علائقي جي رهواسين چيو آهي ته علائقي ۾  گيس جي نه هجڻ سبب گهڻا ماڻهو گيس سلينڊر جو استعمال ڪندا آهن جنهن جي ڪري اهڙا حادثا پيش ايندا آهن. حڪومت کي گهرجي ته علائقي ۾ گيس جي فراهمي کي يقيني بنائي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں