138

ڪي اليڪٽرڪ جون پاليسيون سمجهه کان ٻاهر آهن، هڪ جي سزا سڀني کي نٿي ڏئي سگهجي: سعيد غني

ڪراچي:    سنڌ جي بلديات کاتي واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي ۾ اجتماعي سزا جو نظام لڳائي ڇڏيو آهي، ڪنهن به ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار تيار نه آهن ڪنهن هڪ جي سزا پوري معاشري کي نٿي ڏئي سگهجي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جون پاليسيون اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن اهو ڪهڙو طريقو آهي ته ڪو هڪ ماڻهو بجلي چوري ڪري ته پوري پاڙي جي بجلي بند ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته بجلي جو مسئلو اسان جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهي، مڃان ٿو ته ڪوبه ادارو پنهنجي کيسي مان پئسا خرچ ڪري بجلي نٿو ڏئي سگهي، بجلي چوري جي ڪڏهن به حوصله افزائي نه ڪئي آهي پر جيڪي ماڻهو  بجلي چوري نٿا ڪن اهي لوڊشيڊنگ جو عذاب ڇو ڀوڳين؟

سعيد غني چيو ته گڏيل طور تي سزا ڏيڻ ماضي ۾ فاٽا ۾ ٿيندو هو، اجتماعي سزا ڏيڻ غير انساني هو، ڪراچي ۾ اجتماعي سزا جي نظام کي ڪي اليڪٽرڪ لڳايو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن  ڪوبه بجلي چوري  ڪري ٿو ته ان کي گرفتار ڪريو، ايف آءِ آر داخل ڪرايو، بجلي ڪٽي ڇڏيو، اهو ڪهڙو طريقو آهي ته هڪ ماڻهو بجلي چوري ڪري ته پوري پاڙي جي بجلي بند ڪري ڇڏيو.

بلديات کاتي جي وزير ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته بجلي چوري جي ڪري بل ڏيندڙن کي بجلي مهانگي ملي ٿي. جيڪي ماڻهو ايمانداري سان بجلي جا بل جمع ڪرائيندا آهن انهن کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي بجلي ڏني وڃي. ماڻهن کي پاڻي جو به بل ڏيڻ گهرجي پر نٿا ڏين انهي جو مطلب اهو ناهي ته پاڻي بند ڪري ڇڏيون؟ بجلي چوري جي ڪري لاسز جو بار انهن تي وڌو ويندو آهي جيڪي بل ادا ڪندا آهن بجلي چوري جو بار به بل ادا ڪندڙ کڻندا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن هڪ جي سزا پوري معاشري کي نٿي ڏئي سگهجي پر احتجاج ڪندڙن تي به ڪي اليڪٽرڪ وارن ايف آءِ آر ڪٽرائي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں