143

شهدادپور: سمس اسپتال ۾ ويم لاءِ آيل ڳورهاري عورت ڊاڪٽرياڻي جي نااهلي سبب ٻارڙي سميت فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

شهدادپور: شهدادپور ۾  سرڪاري سمس اسپتال  جي ليبر روم ۾  ويم لاء آيل ڳورھاري عورت ڊاڪٽرياڻي  جي نااھلي سبب 4 ڪلاڪن تائين  تڙپي تڙپي ليبر روم ۾  ڊليوري نہ ٿيڻ ڪري ٻارڙي سميت فوت ٿي وئي. فوتي عورت جي وارثن  ڊاڪٽرياڻي صنوبر مٿان غفلت جو الزام ھڻي مک گيٽ آڏو ڌرڻو ھڻي سخت احتجاج  ڪيو وارثن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرياڻي تي ڪيس داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

رپورٽ موجب شهدادپور ۾ سرڪاري سمس اسپتال جي ليبر روم ۾ ڊليوري لاء آيل ڳورھاري عورت  جلال نوناري ڳوٺ جي  3 ٻارن جي ماء غلام فاطمه زال عثمان مهيسر   ڊاڪٽرياڻي جي مبينہ لاپرواهي غفلت سبب  ڊليوري نہ ڪرڻ ۽ کيس پرائيويٽ سينٽر تي موڪلڻ تي  تڙپي تڙپي پيٽ ۾ ٻارڙي سميت عورت فوت ٿي وئي. ڊاڪٽرياڻي جي اھڙي نااھلي ۽ لاپرواھي  بعد  وارثن نٽهڻ اس ۾ سمس اسپتال جي مک گيٽ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي ۽ الزام هنيو آهي ته سمس اسپتال جي  نااھل ڊاڪٽرياڻي  صنوبر ڳرواڻ پاران ڊليوري لاء سندس پرائيويٽ سينٽر تي ڪرائڻ لاء  باربار  چئي چار ڪلاڪن کان ليبر ۾ عورت کي رلائي ڊاڪٽرياڻي  جي لاپرواهي ۽ غفلت  سبب غلام فاطمه تڙپي تڙپي فوت ٿي آهي هنن الزام هنيو ته اسان ڊليوري ڪرائڻ آياسين ته ڊاڪٽرياڻي مريض عورت تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو باربار پرائيويٽ اسپتال ۾ ھلڻ جو چئي رهي هئي. ڊليوري نہ ڪرڻ  سبب هو تڙپي تڙپي فوت ٿي آهي. وارثن نااھل  ڊاڪٽرياڻي خلاف ڪيس داخل ڪري سخت  ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل ڊاڪٽرياڻي صنوبر جو چوڻ آھي تہ اسان جي ڪابہ غفلت ۽ نااھلي ناھي  عورت ۾ رت جي ڪمي ھئي وارثن کي باربار رت آڻڻ جو چيورت نہ آندو رت جي ڪمي سبب عورت فوت ٿي وئي آھي 

جڏھن تہ سمس اسپتال جي مک گيٽ آڏو مڇريل  وارثن ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڊاڪٽرياڻي خلاف سخت نعريبازي ڪئي  جنھن سبب ٻنھي طرفن کان ڪيتريون ئي گاڏيون بيھجي ويون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں