87

دهشتگرد متحرڪ ٿي ويا آهن، سڪيورٽي ادارا ڪم تيز ڪن: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ امن امان بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس عملدارن کيس ڪراچي جي علائقي کھارادر ۾ ٿيل بم ڌماڪي تي بريفنگ ڏني.ذريعن موجب ڪراچي جي علائقي کھارادر ۾ ٿيل بم ڌماڪي کانپوءِ گذريل رات سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مراد علي شاهه چيو ته لڳي ٿو ته دهشتگرد متحرڪ ٿي ويا آهن، پوليس ۽ انٽيليجنس ادارا پنهنجو ڪم تيز رفتار سان ڪن.اجلاس دوران وڏي وزير کي پوليس پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڌماڪي ۾ 4 ڪلو بارودي مواد سان گڏ بال بيرنگ پڻ استعمال ڪيا ويا. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سڪيورٽي اهلڪارن کي هدايت ڪئي ته دهشتگردن هر صورت ۾ جيل ۾ گهرجن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں