121

روهڙي کان ڪوٽڙي طرف ويندڙ 214 ڊائون موئن جو دڙو ايڪسپريس ٽرين جو 6 بوگيون”رحماني ننگر“ ريلوي اسٽيشن جي هوم ۽ آئوٽر سنگنل جي وچ ۾ پٽڙي تان لهي ويون

دادو//ڊسٽرڪ رپورٽر سڪندر علي پنهور

سيتا روڊ ڪئي سالن کان پٽڙي جي مرمت نه ٿيڻ تي۔
روهڙي کان ڪوٽڙي طرف ويندڙ 214 ڊائون موئن جو دڙو ايڪسپريس ٽرين جو 6 بوگيون”رحماني ننگر“ ريلوي اسٽيشن جي هوم ۽ آئوٽر سنگنل جي وچ ۾ پٽڙي تان لهي ويون۔

حادثي واري هنڌ پٽڙي تي سليپر نه هجڻ تي ريلوي پٽڙي ئي اکڙي وئي۔ سالن کان ٽريڪ جي مرمت نه ٿي۔

ٽرين جي رفتار گهٽ هجڻ تي معجزانه طور وڏي حادثي کان بچي وئي۔
ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو۔
۽ خوش قسمتي سان مسافر محفوظ رهيا ۽ ڪو به جاني يا مالي نقصان نه ٿيو. ڊپٽي ڪمشنر دادو فهيم چاچڙ حادثي واري هنڌ پهچي مسافرن جي خيريت معلوم ڪئي. ان دوران مسافرن لاءِ ٿڌي پاڻي ۽ کاڌي پيتي جو به انتظام ڪيو ويو. ڊي سي دادو مسافرن کي فوري طور تي سندن منزل ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڊي ايس ريلوي سکر سان رابطو ڪيو، جنهن بندوبست ڪيو ويو، 50 کان وڌيڪ مسافرن کي سندن منزل تي پهچايو ويو. ان کان علاوه ٽريڪ کي صاف ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي کان سيتا روڊ اسٽيشن تائين گهربل مشينري موڪلي وئي آهي ته جيئن ٽريڪ تان بوگيون هٽائي ان کي ٽرانسپورٽ لاءِ صاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں