172

وڳڻ ڀرسان ڳوٺ مراد علي مغيري ۾ پورھيت رجب علي ولد احمد علي مغيري جي گھر کي چلھ جي چڻنگ مان باھ لڳي وئي

وڳڻ (رپورٽرمحمدبخش خاصخيلي )وڳڻ ڀرسان ڳوٺ مراد علي مغيري ۾ پورھيت رجب علي ولد احمد علي مغيري جي گھر کي چلھ جي چڻنگ مان باھ لڳي وئي خبر موجب لعلورانئڪ لڳ ڳوٺ مراد علي مغيري ۾ اچانڪ باھ لڳي وئي جنهن سبب گھر ۾ رکيل الھ تلھ سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي ويو، متاثر پورھيت رجب علي مغيري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منجھند جي وقت گھر ۾ ويٺا ھياسين ته اچانڪ گھر کي باھ وڪوڙي وئي، ڪکائون گھر ھيو ڏسنديئي باھ تيزي سان سموري گھر کي لپيٽ ۾ آندو اسان ٻچڙا ڪڍي سر بچائي نڪتاسين باقي گھر م رکيل گھريلو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، جنھن م 90 ھزار روڪ رقم ، ھنڌ بسترا ، نيون رليون، ڪنمبل ،نوان ھنڌ ۽ سڀ ڪجهه سڙي ويا آهن، جنھن سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي ھينئر کليل آسمان ھيٺان بي يارو مددگار ويٺل آهيون، پورھيت رجب علي ٻڌايو ته مان چنگچي رڪشا ھلائي گھر جو گذر سفر ڪندو آهيان، مون کي ايتري وسيعت ناهي جو مان پنھنجو گھر ٺھرائي وٺان، ھن ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ بين وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته ڦورن نوٽيس وٺي منهنجي مالي مدد ڪئي وڃي ۽ مون کي گھر ٺھرائي ڏنو وڃي جيئن ٻچڙن لاءِ ڇپر ڇانو ڪري ويھي رھون ۽ اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں