147

شڪارپور ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شڪارپور يونين آف جرنلسٽس جو احتجاجي مظاهرو

شڪارپور (رپورٽ علي خان شر) شڪارپور۾ صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شڪارپور يونين آف جرنلسٽس جو احتجاجي مظاهرو، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي سڏ تي شڪارپور يونين آف جرنلسٽس ۽ شڪارپور پريس ڪلب طرفان شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جماڻي هال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ حق سچ لکندڙ ۽ شعور پيدا ڪندڙ صحافين کي سرعام گوليون ھڻي قتل ڪيو پيو وڃي، تازو ميرپور ماٿيلو ۾ بھادر صحافي نصرالله گڏاڻي کي ڀوتارن جي بدماش غنڊن گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي، صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل سنڌ جي آزاد صحافت تي وار آھي، جنھن تي سموري سنڌ سوڳوار آھي، اھڙي واقعي جي شديد مذمت ڪريون ٿا، ھنن وڌيڪ چيو سنڌ ۾ صحافين جان محمد مھر، نصرالله گڏاڻي سميت صحافين جي شھادتن تي داستان ڀريل آھي، پر حڪمران صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام بڻيل آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتاري ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں