88

سنڌ جو هر پٽ نصرالله گڏاڻي ٿي بيٺو آهي، انقلاب ايندو: ام رباب چانڊيو

دادو: ام رباب چانڊيو چيو آهي ته صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا، هو بي باڪ صحافي هو، هيءَ اسان سڀني جي جنگ آهي، سنڌ جو هر پٽ نصرالله گڏاڻي ٿي بيٺو آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته سردارن جو مڪروهه چهرو عوام جي سامهون، ادارن جي سامهون، عدليه جي سامهون واضح ٿي چڪو آهي، وقت آهي ته هر ادارو ڪردار ادا ڪري، جيڪڏهن هڪ صحافي سان ائين ٿئي ٿو ته عام ماڻهو جي ڪهڙي حالت هوندي، سرداري نظام ڪيترو خطرناڪ آهي.

هن چيو سردار سمجهن ٿا ته قتل ڪرائي ماڻهن کي خاموش ڪرائي ڇڏيندا، منهنجي گهر ڀاتين کي قتل ڪيو ويو پر اسان خاموش نه ٿياسين، انقلاب ايندو، اسان جو عوام روڊن تي نڪري سردارن جي ڳچي ۾ هٿ وجهندو.

سندس چوڻ هو ته اسان کي گڏجڻ جي ضرورت آهي، اسان مطالبو ٿا ڪيون ته قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں