164

مٽياري پوليس ۽ آئي جي سنڌ جي ٽاسڪ فورس جي مٽيارئ ۾ منشيات جي اڏي تي گڏيل ڪارروائي

مٽياري رپورٽ فداحسين سولنگي
مٽياري پوليس ۽ آئي جي سنڌ جي ٽاسڪ فورس جي مٽيارئ ۾ منشيات جي اڏي تي گڏيل ڪارروائي،
مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ گڊا ڊسپوزل وٽ پوليس ڪاروائي ڪندي توفيق ميمڻ جي گهر تي ڇاپو هڻي پابندي مڙهيل انڊين گهٽڪو ۽ مين پڙي هٿ ڪري ورتي ان باري ۾ پوليس جو چوڻ آھي تہ ڊي ايس پي ڪينٽ افتخار ٻرڙو، ايس ايڇ او مٽياري علي محمد بجير جي اڳواڻيءَ م ڪاروائي ڪئي وئي پر
ڪا بہ گرفتاري عمل ۾ نہ اچي سگهي وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي ويئي آئي جي سنڌ جي سخت حڪم آهن، منشيات فروشن خلاف پوري سنڌ اندر ڪاروائي ڪئي پئي وڃي، اڄ بہ آئي جي سنڌ جي اسپيشل ٽيم جي ڊي ايس پي ڪينٽ افتخار احمد ٻرڙو جي اڳواڻئ ۾ توفيق احمد ميمڻ جي گدام تي ڇاپو ھنيوسين مضر صحت مين پڙي برآمد ڪئي ويئي ان ڇاپي ۾ انسپيڪٽر رياض ، ايس ايچ او ڪينٽ ،ايس ايڇ او مٽياري علي محمد بجير، ساڻس گڏ ھئا

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں