80

سنڌ ۾ گرمي پد 48 کان 50 ڊگري معمول بڻجي ويو، ڏکڻ پنجاب ۾ هيٽ ويو جاري

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي پد 48 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ معمول بڻجي ويو آهي.

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گرمي جي شديد لهر سبب ڏينهن جي وقت بازار ۽ روڊ سنسان رهڻ لڳا آهن.

موسميات کاتي اڄ دادو ۽ موهن جو دڙو ۾ گرمي پد 50 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي وڃڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي ان کان علاوه سکر ۽ نوابشاهه ۾ شهري 48 ڊگري جي گرمي برداشت ڪندا.

ٻئي پاسي پنجاب جي ڏاکڻي ۽ اوڀرين ضلعن ۾ به هيٽ ويو جاري آهي. بهاوالپور ۾ 47، جڏهن ته لاهور سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ 44 ڊگري يا ان کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي پشاور ۾ گرمي پد 41، اسلام آباد ۾ 40  ۽ ڪراچي ۾ 37 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي پر شديد نمي سبب گرمي جو  احساس 4 کان 6 ڊگري وڌيڪ هوندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں