146

ڪنڌڪوٽ: خانگي بينڪ جا پنج مغوي راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ٿي گهر پهچي ويا، 50 لک ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ مان اغوا ڪيل خانگي بينڪ جا پنج مغوي راڄوڻي ڪوششن بعد بازياب ٿي گهر پهچي ويا آهن. جڏهن ته علائقي ۾ سندن بازيابي بابت 50 لک ڀنگ عيوض جا چوٻول هلڻ لڳا.، جڏهن ته مغوين جي بازيابي کان ڪنڌڪوٽ پوليس بي خبر بڻيل آهي.

ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته ڏيڍ مهينو اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي انڙ پل وٽان ڌاڙيلن خانگي بينڪ جي پنج ملازمن اطاف گولو، فرمان لانگاهه، گلاب ڏاهاڻي، محمد عالم گولو ۽ شاهنواز نصيراڻي کي اغوا ڪري سندن وارثن کان 80 لک روپيه ڀنگ طلب ڪيو هو. مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن طرفان مختلف وقتن تي احتجاجي ڌرڻا پڻ هنيا ويا هئا. ايس ايس پي بشير بروھي ۽ سندس ٽيم ڪيترائي ڀيرا سکڻا دلاسا ڏنا پر ان باوجود پوليس مغوين کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رھي

مغوين جي وارثن پوليس کان مايوس ٿي راڄوڻي ڪوششن ذريعي مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي پنجن ئي مغوين جي گھر پھچڻ تي گھرن ۾ خوشي واري لھر پکڙجي وئي آهي ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوين جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن بعد 50 لک ڀنگ ڀرڻ بعد ٿي آهي ـ جڏهن ته پوليس مغوين جي بازيابي بابت بي خبر بڻيل آهي ـ انهيَ سلسلي ۾ مغوين جي وارثن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته بينڪ ملازم پنجن مغوين جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن سبب ٿي آهي ڪا به ڀنگ ناهي ڀري ھنن چيو ته ڏيڍ مھينو گذري وڃڻ جي باوجود پوليس اسان جي ڪنهن به قسم جي مدد نه ڪئي. پوليس جي نااھلي سبب مايوس ٿي راڄوڻي ڪوشش ڪئي وئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں