77

مظفرڳڙهه: مسافر بس خوفناڪ حادثي جو شڪار، هڪ ئي خاندان جا 11 ڄڻا فوت

ملتان:  مظفر ڳڙهه جي علائقي شهيد سرور چوڪ تي مسافر وين جي حادثي ۾ هڪ ئي خاندان جا 11 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.

تفصيل موجب مظفر ڳڙهه ۾ ايم ايم روڊ محمد والا جي ڀرسان مسافر وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت جڏهن ته 15 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا آهن.

واقعي کان پوءِ ريسڪيو 1122 جي ڪارڪنن لاشن ۽ زخمين کي تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال سروس شهيد چوڪ منتقل ڪيو. فوت ٿي ويلن ۾ 5 مرد، 3 عورتون، 2 ٻار ۽ هڪ ٻارڙي شامل آهي.

پوليس ٻڌايو ته مسافر وين ۾ سوار ماڻهن جو تعلق ملتان جي علائقي لاڙ سان هو ۽ فوت ٿي ويل هڪ ئي خاندان مان هئا. اهي ملتان مان بهکر پنهنجي مائٽن سان ملاقات جي لاءِ وڃي رهيا هئا. پوليس موجب واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں