75

عمران خان فتنو آهي، هن فساديءَ جو خاتمو ضرور ٿيندو: راڻا ثناءُ الله

 اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان کي اڍائي کان ٻه سئو اهلڪارن جي سڪيورٽي ملي آهي.ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن عمران خان جي ڌمڪي واري وڊيو ڪٿي لڪيل آهي ته شيئر ڪري، ان تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ لاءِ تيار آهيون.هن چيو ته عمران خان فتنو آهي، هن فساديءَ جو خاتمو ٿيندو، هر اتحادي کي خبر آهي ته اڳوڻو وزيراعظم فسادي آهي، تنهن ڪري ڪو اتحادي نه رهيا. ادارن جي به اها ئي سوچ آهي، هاڻي هر ڪنهن کي پنهنجي اصل حقيقت معلوم ٿي چڪي آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪو شخص ملڪ جو وزيراعظم رهي چڪو آهي ۽ ٻيهر وزيراعظم جي عهدي جو اميدوار آهي، ڇا کيس خبر ناهي ته ڊاڪٽر رضوان جو موت زهر سبب ٿيو هجي ها ته سندس گهر وارا پوسٽ مارٽم ڪرائين ها. هر باشعور ماڻهو انهن جي ڪوڙ کان واقف آهي.هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي ضروري هئي ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي. پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو بار غريب تي نه پر امير تي پوندو. چونڊن لاءِ تيار آهيون، معاشي استحڪام ايندي ئي چونڊن ۾ وينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں