83

وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلز پارٽي وفد جي ملاقات، بجيٽ جي حوالي سان مشاورت

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي وفد ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ مالي سال 2024-25 جي بجيٽ جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي.

ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. پيپلز پارٽي جي وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ شيري رحمان شامل هئا.

ملاقات ۾ نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير منصوبا بندي احسن اقبال، وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُالله ۽ وفاقي وزير قانون ۽ انصاف اعظم نذير تارڙ به موجود هئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں