187

ڪويت ۽ قطر جي اميرن وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڏنل پاڪستان جي دوري جي دعوت کي قبول ڪري ورتو

اسلام آباد: سفارتي محاذ جي حوالي سان پاڪستان جي بهتر اڳڀرائي جو سلسلو جاري آهي. امير ڪويت ۽ امير قطر وزيراعظم شهباز شريف طرفان ڏنل پاڪستان جي دوري جي دعوت کي قبول ڪري ورتو آهي.

پاڪستان طرفان ڪويت ۽ قطر سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اها هڪ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي ڪويت ۽ قطر جي اميرن جو پاڪستان جو دورو ڪويت ۽ قطر سان سرمائيڪاري ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيندو.

وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر ڪويت ۽ قطر جي سفيرن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمان جاسرالميري وزيراعظم کي ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمدالجابرالصباح جو هڪ خط پيش ڪيو جنهن ۾ وزيراعظم طرفان امير کي گڏيل طور تي مناسب تاريخن تي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي قبول ڪرڻ جو پيغام ڏنو ويو.

قطري سفير به وزيراعظم کي قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني طرفان لکيل هڪ خط پهچايو جنهن ۾ وزيراعظم طرفان گڏيل طور تي مناسب تاريخن تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت کي قبول ڪيو ويو.

وزيراعظم انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي دل جي گهرائين سان قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽  ٻنهي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي پڪي ارادي جو اظهار ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں